سکر:  باگڙجي ٻيلي اندر جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان مارجي ويل چئن ڄڻن جي قتل جي ايف آءِ آر 2 ڏينھن گذرڻ باوجود داخل ناھي ٿي سگھي، اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جو چوڻ آھي ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث عورتن حوالي ڪيا ويا آھن، ھن وقت تائين فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ ڪو به متاثر ڌر جو فريادي ناھي پھتو، جيئن پھچندو ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. ايس ايس پي سکر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مارجي ويل چارئي ڄڻا سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل ھئا، جڏھن  ته مارجي ويل نادر مٿان سنڌ سرڪار طرفان 20 لک رپيا انعام جي سفارش پڻ ٿيل ھئي، جيڪو اڳوڻي ايس ايچ او سيد سبحان شاھ جي قتل ڪيس جو مک جوابدار ھو.