اشو آف دي ڊي … شهر ۾ دهشتگردن ماريا، ٻهراڙين جا مورَ: ڪراچي مڇر ڪالوني ۾ 2 سنڌي نوجوانن جي قتل تي شديد ردعمل: احتجاج لاءِ مهم

0
271

 ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل واري واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، قاتلن کي سزائون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي مڇر ڪالوني انسيڊنٽ ٽاپ ٽرينڊ  بڻيل رهيو، اڄ احتجاج ڪرڻ لاءِ به مهم هلائي وئي. ان سلسلي ۾ شان شر ٽوئيٽ ڪيو ته ڪراچيءَ جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ موبلنڪ نيٽورڪ جو ڪم ڪندڙ انجنيئر ۽ ساڻس گڏ ڊرائيور کي ھجوم ان غلط فھمي ۾ قتل ڪيو ته ھي ٻار اغوا ڪري رھيا آھن، ھو ان وقت نيٽورڪ جي ٽيسٽنگ ڪري رھيا ھئا ۽  بغير تصديق جي کين پٿرن سان ۽ بيحد بُري طرح ماريو ويو ۽ گاڏي کي به ساڙيو ويو، هالار آريجو لکيو ته مڇر ڪالوني واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي مگر اسان انهن سڀني ملوث قاتلن کي ڦاهي جي ڦندي تي ڏسڻ ٿا چاهيون ان لاءِ پوري سنڌي قوم هڪ آواز بڻجي وڃو نت روز ايئن ماريا وينداسين، معراج حبيب لکيو ته ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ ٻه سنڌي انجنيئرن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، خالد ڪوري لکيو ته مڇر ڪالوني وارا جهڙي اذيت سنڌي نوجوانن کي ڏين پيا، اها وڊيو ڏسي نه ٿي سگهجي، ائين ته حيوان به ناهن ڪندا جهڙي طرح هي ظالم ٻن انسانن تي تشدد ڪري رهيا هئا، سنڌ پوليس ۽ اعليٰ ادارن کي گذارش آهي ته انهن ظالمن کي جلد از جلد گرفتار ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن، خالد صوفي نبيل گبول جو بيان شيئر ڪندي لکيو ته ان کي گرفتار ڪيو وڃي، پارس سنڌو لکيو ته اگر سنڌين جي ھجوم ھٿان  ڪو پٺاڻ يا پنجابي مري ھا ته ھي سنڌ حڪومت پوري علائقي کي ڪڙو چاڙھي سوين سنڌي گرفتار ڪن ھا، پر ڪراچي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌين جي قتل تي خاموش آهن ، آءِ جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گھرجي سنڌي ميڊيا کي ان حادثي کي پڻ ھائلائٽ ڪرڻ گھرجي، وقار ڀيو لکيو ته ڪراچي ۾ جهنگ جو قانون، مڇر ڪالوني ۾ ٺٽو واسي انجنيئر ۽ نوشهرو فيروز واسي ڊرائيو اغوا ڪار ڄاڻائي قتل، ڊاڪٽر عاصمه جوڻيجو لکيو ته مڇر ڪالوني واقعي انسان جي وحشتناڪ روپ کي اڳيان آندو آهي.جنهن کي وڻي هجوم ۾ اچي انسان کي ساڙي ماري ڇڏي، انارڪي پوري سماج کي بربادي ڪري ڇڏيندي. سعيد مڱريو لکيو ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ 2 سنڌي نوجوانن کي سوچي سمجهي سازش تحت قتل ڪيو ويو آهي، صادق دودو لکيو ته مڇر ڪالوني ۾ رھزني ڪندڙ کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن, جيئن سنڌي بي خوف ڪراچيء ۾ گھمي سگھن، ھي بھاري، برمي پناھگير صرف سنڌين کي دشمني واري اک سان ڏسي رھيا آھن. ابراهيم ڪنڀر لکيو ته مڇر ڪالوني جي قاتلن کي پڪڙي فوري سزا ڏني وڃي وڏو وزير انهي معاملي جو نوٽيس وٺي، سرتاج سنڌي لکيو ته مڇر ڪالوني دهشتگرد افغانين جو ڳڙهه آهي، اختر شيخ لکيو ته مڇر ڪالوني ۾ ڌارين پاران سنڌي انجيئرز جاويد ۽ اسحاق جي قتل واري وڊيو لڱ ڪانڊاري ڇڏيا، ھاڻي ھڪ ھڪاڻ ٿيڻ گھرجي، افروز ڪٽپر لکيو ته ڪراچي ۾ پنهجي حق، حيات، عزت ۽ تحفظ لاءِ اٿو ۽ متحد ٿي آواز اٿاريو ٻي صورت ۾ پنهنجي تاريخي وطن جي تخت گاهه ۾ عزت نفس کان محروم ٽئين درجي جا شهري ٿي زندگي گذاريندا رهندئو، ثنا بڪڪ لکيو ته مڇر ڪالوني ۾ ٻن معصومن کي هجوم ماريندو رهيو ۽ قانون يا حڪومت نظر ئي نه آئي، ڪاش ان هجوم ۾ ڪو انسان به هجي ها، امداد سومرو لکيو ته ڪنهن هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، غيرقانوني رهندڙ پناهگيرن کي نيڪالي ڏني وڃي، خانزادي ڪپري لکيو ته فيصلا  رستن تي ٿين ٿا ته  ٿاڻا عدالتون  بند ڪريو، سنڌو نواز گهانگهرو لکيو ته هن ملڪ ۾ شرپسند ماڻهن جو هجوم ڪوڙن الزامن جي بنياد تي ڪنهن به شهري کي سرعام پٿرن سان سنگسار ڪري فيصلو روڊن تي ڪري رهيو آهي ته پوءِ قانون ۽ ڪرپٽ ادارن جو ڪم ڇا رهجي وڃي ٿو؟

ظهير عباس، اظهر ملاح، ارم ابڙو، غلام فريد، نويد جروار، نعمان چنڙ، راحيل ميمڻ، سنديپ ڪمار، شاهزيب شيرازي، خليل احمد قاضي، آزاد علي، عرفان مشتاق، مقدس ابڙو، امجد بلوچ، دانيال سنديلو، سنجي راجا، ذوالفقار جسڪاڻي، عرش علي، مجيب الرحمان، فيض ملاڻو، دلمراد جمالي، محمد خان بجراڻي، مبارڪ علي،سورٺ سنڌو، انجنيئر اياز سنڌي، اشفاق ڀٽو، امتياز سمون، سيف سميجو، شاهزيب بلوچ، سعيد سانگري، حق ابڙو، عائشه خان، درياءَ خان، ڊاڪٽر حسيب قاضي، اعجاز علي، اظهار سومرو، فريد علي، اجمل مير مهدي، عشرت حسين، مير نوشاد مهر، اقصيٰ ڪينجهر جمالي، امتياز چانڊيو ۽ ٻين به ٽرينڊ ۾ حصو وٺندي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جي به گهر ڪئي وئي

اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪڙا اهي آهن جيڪي جڏهن وڻين ڪنهن جي به مٿان توهين جو الزام هڻي جيئرو ساڙي ڇڏين، ٻيا اهي آهن جيڪي رستن تي پنهنجي عدالت لڳائي فيصلا ڪري بي گناهن کي سزائون به ڏئي ڇڏين، هي سماج لاقونيت جو زنده مثال ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ هن سماج کي خردماغ هجوم ۾ بدلائڻ وارا سوچين ته هنن ڇا ڇا کسيو آهي..

عروسه لاشاري پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪراچي ۾ ٻن معصوم سنڌين کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. اسان جو مطالبو آهي ”قاتلن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي

نصير سومرو لکيو ته ٻهراڙي ۾ ٻڪري چوري ٿيڻ تي سڄو ڳوٺ ٻڌي ايندڙ پوليس مڇر ڪالونيءَ ۾ وحشي هجوم مان رڳو هڪ ٻه ماڻهو جهلي ٻين کي لائسنس ٽو ڪِل ڏئي ڇڏيو آهي. ايڏي درندگيءَ تي قانون جي اهڙي بيحسي ماڻهن کي ساڳيو رستو اختيار ڪرڻ جو نياپو ڏئي ٿي.

راجڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي سنڌ آهي پر جنهن بيدردي سان ٻن نوجوان انجنيئرن کي قتل ڪيو ويو ته لڳي رھيو ته ھو افغانستان ۾ ماڻھن جي ھجوم ھٿان سنگسار ٿي رھيا ھجن ۽ ڪو انهن کي بچائڻ وارو نه ھجي!!! ڇا پاڪستان جو قانون ڪنهن کي سنگسار ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿو؟؟ اسان گھڻي وقت کان رڙيون ڪندا پيا اچون ته ٻيلي کي باھ لڳل آهي جنهن ۾ سنھڙيون ۽ پراڻيون ڪاٺيون (سنڌي ھندو) سڙي رھيا آھن ۽ ھڪ ڏينهن سايون ڪاٺيون به سڙي رک ٿي وينديون. سنڌ کي بچايو نه ته جنهن تيزي سان سنڌ جي ماڻھن جي نسل ڪشي ٿي رھي آهي ڪو به ڪون بچندو. مجيب نقرچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچيءَ ۾ ٻن سنڌي نوجو انن کي سرعام پٿر هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو وڃي. اصغر ناريجو پوسٽ شيئر ڪئي ته مَڇر ڪَالوني ۾ وَحشين ھَٿان بِيدردي سان قَتل ڪَيل نوجوانن جي قَتل واري واقعي جي شَفاف جَانچ ڪَري قاتلن کي عِبرتناڪ سَزا ڏني وَڃي. قاضي رابيل پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪراچي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي بي گناھ ٻارن کي اغوا ڪندڙ ڄاڻائي بيدردي سان قتل ڪندڙن کي سزا ڏئي انسانيت کي زندھ ڪيو وڃي. همسفر لکيو ته شهر ۾ دهشتگردن ماريا، ٻهراڙين جا مورَ، امير حسن لکيو ته ڪراچي جي صحافي دوست ٻڌايو ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ مڇر ڪالوني واقعي جا 34 جوابدار گرفتار ٿيا آهن, مڇر ڪالوني بنگالين جي قبضي ڪيل غيرقانون ڪچي آبادي آهي, حڪومت ڌارين کي نيڪالي ڏي، آفاق احمد لکيوته ھي ٻه معصوم خون به  بلال ڪاڪا وانگر لڙھي ويندا، اسان جا قومپرست ليڊر ڪٿي آھن جيڪي دعوائون  ڪندا آھن ته اسين سنڌين جي مالڪي ڪنداسين، منير مگسي لکيو ته پ پ حڪمران سنڌين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، عدليا سيڪيورٽي ادارا ۽ حڪمران ڌارين کي آباد ڪري سنڌين جي بيرحماڻي قتل جو تماشاشو پيا ڏسن، جهيڙو ڪراچي سميت سامونڊي بندر گاھ تي آھي ته ان ڪري قومپرستن کي گذارش آهي ته پنهنجي سياست جو محور ۽ مرڪز به ڪراچي کي بڻايو، رشيد سڌايو لکيو ته مڇر ڪالوني دھشتگردي ڪندڙ دھشتگرد گرفتار نه ڪيا ويا ته مڇر ڪالوني چوڪ تي ڌرڻو ھڻنداسين. بلاول لاکو لکيو ته آچر 3 بجي هر وک مڇر ڪالوني اسٽاپ ماڙِي پور ورڊ ڏانهن، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي شرڪت جي اپيل ڪريون ٿا.صنم چانڊيو لکيو ته مڇر ڪالوني واقعو،  انسان آخر ڪٿي پاڻ کي محفوظ سمجهي جتي ڪو قانون ئي ناهي. قانون ھجي ھا ته شايد ٻه قيمتي جانيون بچي وڃن ھا. حفيظ آزاد زئور لکيو ته ھاڻي اسان کي سنڌين جي نه بلڪہ انسانيت جي دردناڪ قتل عام تي عالمي ميڊيا، قانون، سياست ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا در کڙڪائڻ گُھرجن. جويو سارنگ لکيو ته ڪراچي مڇر ڪالوني واري واقعي انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن، اسان سنڌ سجاڳي فورم جي پليٽفارم تان سنڌ جي شعور کي اپيل ٿا ڪيون تہ اچو ان بربريت ۽ ظلم، قتل خلاف پنھنجو سخت رد عمل، احتجاج جي صورت ۾ ڏيون، زنگيجو ستار لکيو ته ڪراچي هيڏي هجوم انجينئرن کي قتل ڪيو،  رڳو هڪ گرفتاري، سو به پٿر هڻندڙ جي، حسين مسرت لکيو ته ڪراچي ۾ ايڏي وحشت الا! ٻن نوجوانن جو بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي، حڪومت ڪونوٽيس ورتو ؟! فرحان تنيو لکيو ته فيصلو ڪريو، هي وقت آهي، هڪ هڪ ٿي ننڌڻڪائي جي حالت ۾ مرڻو آ يا مڙي مٺ بڻجي پنهنجي والاريل ڌرتي واپس ڪرائڻي آهي. آڪاش ملاح لکيو ته اڄ ڪلاچي جي تڙ تان مھاڻا تڙيا ـ ھڪ ڀيرو ٻيھر ٻ سنڌي نوجوان سنگسار ڪري ماريا ويا، نياز ڪالاڻي ۽ پنهل ساريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اي زمانه اسان جو قبيلو ڪٺو، مڇر ڪالوني ڪراچيء ۾ ٽيلي ڪام جي ٻن سنڌي نوجوانن انجنيئر جاويد ۽ اسحاق پنهور جي بي رحماڻي قتل جا پيرا اصل ۾ انهن وزيرن مشيرن ۽ سياسي اڳواڻن جي درن تي ٿا وڃن جن مڇر ڪالوني جي ڀر ۾ بنگالي ڪالوني ٺھرائي بهارين بنگالين ۽ افغانين کي آباديون الاٽ ڪيون.