ڪهاڻي

 

سڀ ڪجهه ممڪن آهي

 

ارمان ڪائنات  کانسواءِ ائين هو جيئن روح کانسواءِ جسم، ڪنن کان سواءِ آواز ۽ آڪسيجن کان سواءِ انسان هوندو آهي. ارمان ۽ ڪائنات پرائمري اسڪول کان ڪاليج جي ڪجهه سالن تائين گڏ پڙهيا. ڪائنات جيڪڏهن اڳتي نه پڙهي ته شايد ارمان چاهيندي به اڳتي نه پڙهي سگھي ها! ارمان جي ياداشت ڪائنات جي نسبت ۾ گھٽ هئي، ڪائنات اڪثر ارمان کي بخيل ڪندي چوندي هئي ته ”ارمان جيڪڏهن اسان هڪٻئي کان پري ٿي وياسين ته تون مونکي جلدي وساري ڇڏيندين!“

ارمان ڪائنات جي اهيا ڳالهه ٻڌي ائين خاموش ٿي ويندوهو جيئن مرڻ کانپوءِ مردو ٿي ويندو آهي. ڪائنات ارمان کان قد ۾ ننڍي هجڻ جي ڪري پيرن ۾ وڏي کڙي وارو سينڊل پائيندي هئي. هڪ دفعو ڪائنات ارمان کي ڀاڪر ۾ ڀري نراڙ کي چمي ڏيندي چيو ته ارمان تون کانسواءِ آئون نه مڪمل وجود آهيان، منهنجو تو کانسواءِ جيئڻ ممڪن ناهي. ارمان ڪائنات کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ وڌيڪ سوڙهو ڪري دنيا جي نظر کان لڪائي ڇڏيو. ڪائنات ڪجهه وقت جي لاءِ ارمان جي گرم ڀاڪرن ۾ هلڪن سڏڪن سان روئي رهي هئي. ارمان ڪائنات جا لڙڪ صاف ڪندي وراڻيو ته ”ڪائنات منهنجي فيملي وارا ته راضي ٿي ويندا پر تنهنجي گھر وارا تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ راضي ڪونه ٿيندا ڇو منهنجي فيملي صرف هڪ ڪمري واري گھر ۾ رهندي آهي ۽ تنهنجي فيملي جو هڪ فرد هڪ ڪمري ۾ رهندو آهي. ڪائنات وراڻيو ته آئون هڪ ڪمري واري گھر ۾ رهڻ جي لاءِ تيار آهيان پر توکان پري رهڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي! ارمان وراڻيو؛ ته ڪائنات آئون بابا ۽ امان کي پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي چڪو آهيان، امان ۽ بابا چون ٿا تنهنجي خوشي ۾ اسان جي خوشي آهي، جيڪڏهن تون ڪائنات سان خوش زندگي گذاري سگھين ٿو ته ان کان وڏي اسان جي لاءِ ڪهڙي خوشي ٿي سگهندي.ڪائنات زندگي جو ايڏو وڏو فيصلو ٻڌي ڪجهه دير جي دير لاءِ سوچ ۾ پئجي وئي. ارمان ڪائنات جي اکين تي آيل وارن کي هٽائيندي پڇيو ته ڇا ٿي سوچين؟ ڪائنات وراڻيو؛ ته ٺيڪ آهي! آئون سڀاڻي بابا ۽ امان سان پنهنجي ڳالهه ونڊيندس.

ڪائنات ڪوشش ڪندي رهي ته هو پنهنجي ۽ ارمان جي باري ۾ ماءُ پيءُ سان ڳالهه ڪري پر بار بار ڪوشش ڪرڻ جي باوجود هو ناڪام رهي. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ ڪائنات همت ڪري پنهنجي گهر وارن کي پنهنجي ۽ ارمان بابت ٻڌايو. ڪائنات جي امي ۽ بابا ڪائنات جي ڳالهه ٻڌي ڪاوڙجي خاموش ۾ان وقت ته ڪائنات کي ڪجهه چئي ڪونه سگھيا پر ڪجهه هفتن کان پوءِ ڪائنات جي ڪاليج وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ ڪائنات جو ٻئي ڪاليج ۾ ٽرانسفر ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.  ارمان مسلسل ڪاليج ويندو رهيو پر ڪائنات ڪيترن ڏينهن کان ڪاليج ڪونه آئي، نه وري ارمان جو ڪائنات سان ڪو رابطو ٿيو. ارمان ڪائنات جي ڪلاس جي دوستن کان پڇڻ لڳو ته انهن جواب ڏنو ته ڪا خبر ناهي، هڪ هفتي کان هن جو نمبر به بند پيو وڃي. ارمان جو ڪائنات کان پري جيئن وقت گذرندو ويو تيئن ارمان جي طبيعت خراب ٿيندي وئي ۽ هو مسلسل بيمار رهڻ لڳو.

ڪائنات جا گھر وارا ڪائنات جو ٻي ڪاليج ٽرانسفر  ڪرائي چڪا هئا پر ارمان کي ان ڳالهه جي سڌ ڪونه هئي ته ڪائنات ٻئي ڪاليج ۾ وئي آهي. نئين ڪاليج ۾ ڪائنات پنهنجون نيون سهليون، دوست ٺاهيا ۽ پاڻ کي ايڊجيسٽ ڪري وئي. ساجد ڪائنات جو ڪلاس ميٽ هو جيڪو ڪائنات کان پهرين ڪلاس ۾ تمام گھڻو غير حاضر رهندو پر ڪائنات جي اچڻ کانپوءِ ڪلاس ۾ مسلسل حاضر رهڻ لڳو. ساجد  ڪائنات کي تمام گھڻو پسند ڪندو هو. هڪ ڏينهن ساجد ڪائنات کي پرپوزل ليٽر لکي ڪائنات جي پرس ۾ رکي ڇڏيو. ڪائنات گھر پهچي جيئن پرس کوليو ته ساجد جي هينڊ رائيٽنگ ۾ لکيل ليٽر پيو هو. ڪائنات ليٽر کولي  پڙهڻ لڳي ته ”ڪائنات ارمان کان پاڻ کي پري ٿيندو محسوس ڪيو ۽ ڪائنات پاڻ کي ساجد سان گڏ ڪاليج جي ڪوريڊور ۾ ڊوڙندي ۽ گھمندي محسوس ڪيو. ڪائنات ان هفتي جي آخري ڏينهن ۾ ساجد کي پنهنجائپ جا پوز هڻندي ايڪسيپٽڊ ليٽر لکيو، جنهن ۾ ڪائنات ساجد کي ارمان بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو پر ساجد ان جي باوجود ڪائنات سان ارمان کان به وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳو ۽ ڪائنات ساجد جي ڏنل محبت ۾ گم ٿي وئي. جيئن وقت گذرندو ويو تيئن ڪائنات جي ذهن تان ارمان جي محبت جا ليڪا ڊهندا ويا. ساجد ڪائنات کي مڪمل طور پنهنجو ڪري چڪو هو ۽ ڪائنات  جي هر خواهش پوري ڪئي. ڪائنات ساجد سان گڏ پنهنجو پاڻ کي ڪنفرٽ محسوس ڪيو ۽ رهجي ويل خوابن جي تعبير جا پاڇولا ڪائنات ڏانهن وڌڻ لڳا. ساجد جي فيملي ڪائنات جي فيملي کان بزنس ۾ وڌيڪ ايڊوانس هئي. ڪائنات ۽ ساجد پنهنجي پنهنجي فيمليز کي هڪ ٻئي  بابت ٻڌائي چڪا هئا ته اسان هڪ ٻئي کي پسند ڪريون ٿا ۽ هميشه گڏ رهڻ جا خواهشمند آهيون. ٻئي فيمليز ساجد ۽ ڪائنات جي رشتي تي متفق ٿي ويون. هڪ مهيني کانپوءِ ٻني جو مڱڻو ڪرايو ويو ۽ ڪائنات تي لڳايل سڀ پابنديون هٽي ويون. ڪائنات جو مڱڻو ضرور ٿيو پر ارمان سان ڪيل محبت جي قولن کي نڀائي ڪونه سگھي. مڱڻو ٿيڻ جي ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪائنات ارمان کي رات جو جو هڪ بجي ميسج ڪيو ته ”هاءِ! آر يو ارمان؟“ ارمان ريپلائي ڏنو يس! ڪائنات وراڻيو ته هيلو ارمان آئي ايم ڪائنات! پليز مونکي معاف ڪري ڇڏ ۽ معافي سان گڏ مون کي هميشه جي لاءِ وساري ڇڏ!  ارمان جواب ڏنو ته ڪائنات ڇا ٿيو آهي؟  هي ڪهڙيون ڳالهيون ڪرين پئي؟ ڪاليج ڇو ڪونه پئي اچين؟ هن وقت تون ڪٿي آهين؟ ارمان سوال مٿان سوال ڪندو رهيو. ڪائنات بردباري سان ارمان جا سوال پڙهندي رهي ۽ پٿر دل سان مختصر جواب ڏنو ته ارمان منهنجو ساجد سان مڱڻو ٿي ويو آهي، هاڻ شايد پنهنجو ملڻ ممڪن ناهي! ارمان ريپلائي ۾ جواب لکي ٿو ته”ڪائنات ائين نه! هرگز ائين نه! ناممڪن آهي! اهو ناممڪن آهي! تون ائين ڪري ڪونه ٿي سگهين“.

ڪائنات آخري ميسج ارمان کي لکي ٿي ته ”ارمان هتي سڀ ڪجهه ممڪن آهي ڪجهه به ناممڪن ناهي، ممڪن ممڪن آهي پر نا ممڪن به ممڪن آهي“.

تون پليز هاڻ مون کي وساري ڇڏ! ڪڏهن به مون سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪجان جيڪڏهن واقعي منهنجي عزت جي پرواهه ڪرين ٿو زندگي ڀر منهنجو پيڇو هاڻ نه ڪجان!

 

عزيزالله خاصخيلي/ ميرپورخاص

 

هي ڪهڙو سياسي انتقام آهي؟

 

ڪجههه ڏهاڪن کان سنڌ اندر پاڪستان پپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ 18هين ترميم کان پوءِ صوبن کي وڏا حق مليل آهن. جنهن سان هو ادارن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪوشان رهڻ هوندو آهي ۽ اڪثر سنڌي به پ پ جا ووٽر توڙي ورڪر آهن پر ڪجهه ٽائم کان سنڌ اندر الائي ڪهڙيون انتقامي ڪاروايون هلي رهيو آهن. ان تي چيئرمن پاڪستان پپلز پارٽي ۽ عهديداران کي توجه ڏيڻي پوندي ته هي آخر ڇو ايئن ٿيي پيو ۽ پارٽي جي بدنامي ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ ڪجهه سالن کان چڍڙ برادري سان انتقامي ڪاروايون ٿي رهيون آهن جنهن سان هن برادري جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هيلٿ جي ملازمن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ٻن آفيسرن کي استعمال ڪري اسان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون پيون وڃن. هي ڪهڙو سياسي انتقام آهي جنهن ۾ صرف چڍڙ برادري جي ملازمن لاءِ هر ڊپارٽمينٽ ۾ ڪاروايون هلن پيون، جنهن ۾ ڏهرڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو پگهارون بند ڪيون ويون آهن ۽ هيلٿ جي ملازمن کي فائنل شوڪاز نوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن.  جيڪي چئن ڏينهن کانپوءِ اسان کان رسيو ڪرايا ويا آهن جنهن ۾ هنن لکيو آهي اوهان جي جواب مان مطمئن ناهيون ۽ هر فرد کي ساڳيو شوڪاز نوٽس ڏنو ويو آهي ۽ وڏي تياري ۾ آهن جيئن سڀني کي ٽرمنيٽ ڪيو وڃي. جڏهن اسان احتجاج تي ويٺاسين، هڪ سياسي ماڻهو ۽ ڊي ايچ او چيو ته اوهان جواب ڏيو اهي فائل ڪري ڇڏيندا سين ۽ ٻي پاسي به هڪ وڏو سياسي هٿ آهي جنهن جا ڪم ڪار هو ڪري ٿو اتي سوال پيدا ٿئي پيو ته پاڪستان پپلز پارٽي جو نعرو ته روٽي ڪپڙا اور مڪان آهي پر هي جن کي اسان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو انهن جو نعرو اهو ڇو آهي جنهن کي ڊيوٽي آهي ان کي گهر ڀيڙو ڪيو. اسان چيئرمين پپلز پارٽي ۽ عهديدارن کي گذارش ڪريون ٿا ته سياسي انتقامي ڪاروايون بند ڪرايون وڃن.

 

علي حسن `احسن´ چڍڙ/ ميرپور ماٿيلو

 

ڌرتي ڌڻين جو قتلام بند ڪريو!

 

عوام جي جان و مال جي حفاظت رياست جي بنيادي ذميواري ھوندي آهي ته جيئن ھر شھري پنهنجي آئيني حدن ۾ رھندي پنهنجي زندگي سولائي سان گذاري سگهي. انتھائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته پنهنجي ملڪ ۾ وري ھر شي ۾ توھان کي ٻھروپيت نظر ايندي، چاهي پوءِ اھي روزمرھ جون شيون ھجن، ملڪي سياست ھجي يا وري ملڪ جو قانوني ڍانچو. مقصد کڻي ڪھڙو به شعبو ڇو نه ھجي انهي جي قانون ۾، ڪاغذي ڪاروائي ۾ لکيل ھڪڙي شي ھوندي ته عملي طور وري اھا شي بلڪل ان جي بر عڪس ھوندي. ھاڻ جڏهن آئين پاڪستان ۾ ھر شھري جي جان و مال جي ذميواري رياست جي ذمي آهي پر عملي طور اھڙو ڪجهه به نظر نٿو اچي. اھو قانون رڳو قانون جي ڪتابن تائين محدود آهي. ھتي ته ڪير به چاهي ڪنهن کي به الزام ھڻي پنهنجي عدالت لڳائي انهي کي قتل ڪري ڇڏي، ڪير به پڇڻ وارو به ناهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ ھي ملڪ ھلي ئي ڪنهن جھنگ جي قانون تحت پيو. تازو ڪراچي جي مڇر ڪالوني واري علائقي ۾ ڪوڙي الزام ھيٺ ٻن ڳڀرو سنڌي انجنيئرن کي ھڪ ھجوم ھٿان سنگسار ڪري شھيد ڪيو ويو ميڊيا جي رپورٽن مطابق ھي ٻئي نوجوان پنهنجي ڊيوٽي تي ھئا ۽ ڊيوٽي دوران کين سرعام سنگسار ڪيو ويو. ھي انتھائي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اھا گھٽ آهي ۽ ھاڻ ائين ٿو لڳي ڄڻ رياست عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، جو ائين سرعام سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي سنگسار ڪيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي فوري طور ھن معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گھرجي، واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. انهي سان گڏوگڏ سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ کي پڻ اعليٰ عدالتون قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي اھو پڇاڻو ضرور ڪن ته صوبي ۾ عوام کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ ھي ناڪام ڇو بڻيل آھن؟ آخرڪار سنڌ سرڪار ڌرتي ڌڻين جي سرعام ٿيندڙ قتلام تي ڪجهه ڪڇي ڇو نٿي؟ سنڌ پوليس سنڌ جي عوام کي تحفظ ڏيڻ بدران آخر ڪنهن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پوري آهي؟ ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سنڌ سرڪار ۽ پوليس جي نااھلي ۽ فرضن ۾ ڪوتاھي سبب ئي سنڌ جو عوام اڄ پنهنجي ئي ڌرتي تي غير محفوظ بڻيل آهي.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ