سکر (بيورو رپورٽ)سکر پوليس رينج ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جو اجلاس ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي جي صدارت هيٺ ٿيو. سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي 95 اي ايس آئيز کي ترقيون ڏئي سب انسپيڪٽر بڻايو ويو، جڏهن ته ٽنهي ضلعن جي 64 هيڊ ڪانسٽيبلن کي ترقيون ڏئي اي ايس آءِ بڻايو ويو هو جنهن جو باقائده آرڊر پڻ پروموشنل ڪاميٽي طرفان جاري ڪيو ويو آهي.