سکر (بيورورپورٽ) سکر جي يو سي نصيرآباد ۾ گذريل 6 مهينن کان بجلي جي فراهمي بند، علائقي واسين هٿن ۾ بل کڻي سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو. خبر موجب سکر جي علائقي يوسي نصيرآباد ۾ گذريل 6 مهينن کان بجلي جي بندش خلاف رهواسين هٿن ۾ بل کڻي سيپڪو انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته نئين تعلقي سکر جي يوسي نصيرآباد جي ڳوٺ نصيرآباد ۾ 6 مهينا اڳ ٽرانسفارمر خراب ٿي پيو، جنهن کي درست ڪري بجلي فراهم نٿي ڪئي وڃي. گهريلو ڪاروهنوار سميت ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آھي. هنن  لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.