سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو باهه لڳڻ سبب 8 گهر سامان سميت سڙي رک ٿي ويا، خبر موجب ڳوٺ قادر بخش لوهر ۾ مال کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ ڪيل دونهين مان گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن ۾ راشد لوهر، الهورايو لوهر، آچر، خيرل، مولابخش ۽ ٻيا شامل آهن، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل اناج، نياڻين جو ڏاج، هڪ موٽر سائيڪل ۽ 2 سائيڪلون سڙي ويون، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.