سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ۾ ريڙهي هلائيندڙ پورهيتن انتظاميا ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ميرپور خاص روڊ چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته انتظاميا زبردستي اسان جون ريڙهيون بچت بازار ۾ بيهارڻ لاءِ تشدد جو نشانو بنايو، هنن چيو ته اسان جون ريڙهيون ڪلٽي ڪري پوليس اسان جي تذليل ڪئي آهي، اسان بچت بازار ۾ ريڙهيون بيهارڻ لاءِ تيار آهيون پر انتظاميا اسان سان ڳالهيون ڪري رليف ڏئي، هنن چيو ته اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي، ٻئي پاسي ايس ايچ او سانگهڙ ٻڌايو ته ضلع انتظاميا طرفان حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته ريڙها بچت بازار ۾ بيهاري سستي اگهه تي شيون وڪرو ڪيون وڃن.