سکر(بيورو رپورٽ) سکر سول اسپتال ٻاھران ويھڻ واري جاءِ تي ڀٽائي سرڪار جو بيت لڳائڻ واري خبر پنھنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ صحت کاتي جي اختيارين، ڪمشنر سکر ڊويزن توڙي ايم ايس سکر سول اسپتال نوٽيس وٺندي اِھو بيت ڄاڻايل ھنڌان ھٽايو ويو آھي، ان ڏس ۾ سکر سول اسپتال ۾ لطيف سرڪار جي بيت وارو معاملو درگاھ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته شاھ لطيف اسان سڀني جو رھبر آهي سندس شاعري انتھائي اھم ۽ احترام واري ۽ مقدس آهي جنهن ۾ انسانيت جي خير برڪت امن سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا آهي ان لاءِ لطيف سائين جا بيت ڪنهن اھم جڳهه تي رکڻ گهرجن پر اھڙي جڳهه تي بيت آويزان ڪرڻ تي افسوس ٿيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ان معاملي ۾ اختيارن کي نوٽيس وٺي واسطيدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ھوڏانھن خليفي فاروق احمد مھر جي اڳواڻي ۾ شاھ لطيف فائونڊيشن ۽ لطيفي جماعت جو وفد سول اسپتال پھچي اھڙي عمل جي مذمت ڪندي احتجاج پڻ ڪيو، جڏھن ته ان سلسلي ۾ شاھ لطيف فائونڊيشن جي ترجمان فقير صاحب لطيفي ايم ايس سول اسپتال سکر ڊاڪٽر تسليم اختر سان رابطو ڪيو جنهن سختي سان نوٽيس ورتو. سندس چوڻ ھو ته ھي تختي 12 سال پھرين جي لڳل آهي ۽ مون ھاڻي جوائن ڪيو آهي ويھڻ کان ھي بيت مٿي دڪي تي آهي جيڪو روڊ ٺھڻ سبب ڪجھ ھيٺ ٿي ويو آھي پر پوءِ به سختي سان نوٽيس ورتو آهي. ھن چيو ته ھن بيت لاءِ متبادل جڳھ چونڊي ويندي.