تلھار (ن پ ا) تلهار ويجهو ڪجھه ڏينھن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ حيسڪو لائين مين عثمان ڪنڀار زخمن جا ور نه سهندي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. نوجوان عثمان ڪنڀار ڪجهه ڏينهن اڳ ماتلي مان واپس تلھار اچي رھيو ھو ته متارو اسٽاپ وٽ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ شديد زخمي ٿي پيو هو. حادثي بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ھو، جتي گذريل ٻن ڏينھن کان ھوش نه اچڻ بعد کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو. ڪالهه نجي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اھڙي خبر تلھار پھچڻ بعد مرحوم جي گھر ڪھرام مچي ويو.