حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي نوجوان فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد واقعي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. 24 ڪلاڪن دوران علائقي ۾ 3 جنازا پهچڻ بعد سوڳ واري فضا ڇانيل رهي، پٽيل اسپتال ۾ اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات دير سان فوت ٿيل حيسڪو رضوي سب ڊويزن جي اسسٽنٽ لائين مين فيصل قريشي ۽ شارم عرف فراز انصاري جا مڙهه گذريل ڏينهن لطيف آباد منتقل ٿيا جتي لائين مين جي جنازي نماز يونٽ نمبر 12 ۽ نوجوان جي جنازي نماز يونٽ نمبر 8 جي اڪبري گرائونڊ ۾ ادا ڪرڻ بعد سندن تدفين اڪبري قبرستان ۾ ڪئي وئي. ٻنهي فوتين جي جنازي نماز ۾ حيسڪو عملدارن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڱاري ڏينهن نوجوان وسيم فوت ٿيو هو ۽ رات دير سان 2 وڌيڪ زخمي فوت ٿيا. 24 ڪلاڪن دوران 3 جنازا علائقي ۾ پهچڻ سبب سوڳ واري فضا ڇانيل رهي. ٻئي طرف حيسڪو چيف پاران جوڙيل ٻن جاچ ڪميٽين به اڃا تائين واقعي جي جاچ رپورٽ پڌري نه ڪئي آهي جنهن ڪري علائقي واسين ۾ ڏک سان گڏ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ 18 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا هئا جنهن ۾ 13 ڄڻن جو تعلق يونٽ نمبر 8 جي اڪبري پاڙي سان آهي جن مان هيستائين 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته واقعي ۾ حيسڪو جا به 5 ملازم سڙي زخمي ٿيا هئا جن مان هيستائين هڪ ڄڻي دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي. علائقي واسين موجب حيسڪو چيف فوري طور تي ڄاڻايل واقعي جي جاچ رپورٽ پڌري ڪري جيئن اعليٰ عملدارن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي.