ڪراچي: انٽر تعليمي بورڊ ڪراچي ۾ نتيجن جي هيراڦيري وارا معاملا اڳ به ڪيترائي ڀيرا سامهون اچي چُڪا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن سميت يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين پاران ان کان اڳ به ڪراچي انٽر بورڊ، ميٽرڪ بورڊ، ميرپورخاص تعليمي بورڊ سميت سکر ۽ ٻين تعليمي بورڊن ۾ نتيجن جي هيراڦيري بابت به انڪوائريون ڪيون ويون آهن پر ان انڪوائرين جو نتيجو سامهون ناهي اچي سگھيو.