غوثپور(ن پ ا) غوثپور ويجھو ڪچي جي ڳوٺ پيارو جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي ڦر ڪرڻ وارو پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ ۾ نوجوان سنھڙو جاگيراڻي قتل ٿي ويو، جڏهن ته واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ٻنھي ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان جديد ھٿيارن سان  فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو،جڏهن ته  جھيڙي دوران مارجي ويل نوجوان جو لاش ڪيتري ھي وقت تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيو،