ڪراچي: انٽر بورڊ نتيجن ۾ هيراڦيري وارو اسڪينڊل، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي پاران 50 رول نمبر جي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 50 رول نمبرز جي نتيجن جي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان بابت به بورڊ اختيارين کي اڳواٽ آگاهي ڏئي رڪارڊ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين پاران انٽر پري ميڊيڪل جي 50 اميدوارن جي نتيجن ۾ هيراڦيري واري اسڪينڊل جي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي گڏيل طور 50 وڌيڪ اميدوارن جي نتيجن جي انڪوائري ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن بابت انڪوائري ڪاميٽي پاران بورڊ اختيارين کي لکيل خط ۾ کين اڳواٽ آگاهي ڏيندي کين رڪارڊ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.