ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)ڪراچي انٽر بورڊ جي پري ميڊيڪل جي 50 شاگردن جا امتحاني نتيجا تبديل ڪرڻ جو انڪشاف، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي پاران معاملي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي کي انٽر بورڊ جي اختيارين پاران شڪي اميدوارن جي نتيجن جو رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار، انڪوائري ڪميٽي انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين، آڊيٽر آفيسر، اسسٽنٽ سيڪريٽري اڪائونٽس ۽ سپرينٽنڊنٽس 8 آفيسرن کي اڄ رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪراچي جي انٽرميڊيئيٽ تعليمي بورڊ ۾ گذريل سال ٿيل ٻارهين ڪلاس جي پري ميڊيڪل جي 50 اميدوارن جا نتيجا تبديل ڪرڻ جو ميگا اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، جنهن جي هڪ مهيني کان يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين پاران انڪوائري به هلندڙ آهي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري فرحان خان جي سربراهي ۾ قائم ٿيل انڪوائري ڪميٽي ۾ بورڊ کاتي جو سيڪشن آفيسر زبير ڪٽپر ۽ سنڌ مدرسا يونيورسٽي جو رجسٽرار غلام مصطفيٰ شيخ ميمبر مقرر ٿيل آهن. ڪميٽي پاران انٽر بورڊ جي چيئرمين کي خط لکي کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته انٽر پري ميڊيڪل جي رول نمبر 707749, 706465, 709686, 708380, 708758, 700618, 171727, 703087, 703313, 702522, 704273, 710198, 713050, 707877, 709359, 708049, 708411, 708873, 701417, 701779, 703173, 703318, 702559, 704616, 710156, 716436, 706053, 709610, 708292, 701503, 701995, 703295, 702322, 702981, 704662, 711503, 706451, 709681, 708274, 708563, 700594, 701691, 703080, 703246, 702461, 704163, 704943۽ 713090 جي نتيجن جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي، انڪوائري ڪميٽي پاران ان سلسلي ۾ اڄ انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين پروفيسر سعيد الدين، بورڊ جي آڊيٽر آفيسر زاهد لاکو، سپرينٽنڊنٽس تنوير عباس مهدي۽ محمد آصف خان، اسسٽنٽ سيڪريٽري اڪائونٽس صبور قائمخاني ۽ فرحان افتخار، سينيئر ڪلارڪ فراصت علي، اسسٽنٽ محمد جعفر ۽ منصور فاروقي کي اڄ رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ان کان اڳ به انڪوائري ڪميٽي پاران سمورن امتحاني نتيجن بابت بورڊ اختيارين کان تفصيل طلب ڪيا ويا هئا پر بورڊ اختيارين پاران انڪوائري ڪميٽي کي اهو چيو ويو هو ته اميدوارن جي نتيجن وارو رڪارڊ اينٽي ڪرپشن وٽ پيل آهي، جنهن تي انڪوائري ڪميٽي پاران هاڻي لکيل خط ۾ بورڊ جي چيئرمين کي ڄاڻايل رول نمبرز جو رڪارڊ پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ اينٽي ڪرپشن حوالي ڪيل رڪارڊ جي رسيونگ جون ڪاپيون طلب ڪري ورتيون آهن. ان حوالي سان انڪوائري ڪميٽي جو چوڻ آهي ته انٽر بورڊ ۾ پري ميڊيڪل جي ڄاڻايل 50 اميدوارن کان بورڊ جي اختيارين پاران مبينا طور وڏي رشوت وٺي سندن امتحانن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن. انڪوائري ڪميٽي موجب ته معاملي جي هڪ مهينو اڳ جاچ شروع ڪئي وئي آهي پر بورڊ اختياريون ڪڏهن رڪارڊ اينٽي ڪرپشن حوالي هجڻ جو چون پيون ته ڪڏهن رڪارڊ بابت ٻيو موقف ڏنو پيو وڃي.