خارطوم (م ڊ) سوڊان۾ جاري فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز وچ ۾ چڪرين ۾ سوڊاني فوج جنگبندي ۾ وڌيڪ 72 ڪلاڪن جي واڌ لاءِ راضي ٿي وئي آهي. سوڊاني فوج موجب پيرا ملٽري فورسز سان 72 ڪلاڪن جي جنگبندي تي راضپو ڏيکاريو آهي، اميد آهي ته باغي ويڙهاڪ جنگبندي جو احترام ڪندا. گذريل ڏينهن سوڊان جي پيرا ملٽري فورسز جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو، ٻنهي مخالف فوجي قوتن وچ ۾ اڳواٽ اعلانيل جنگبندي جو وقت آچر واري رات ختم ٿي ويو هو. واضح رهي ته سوڊان ۾ فوج ۽ پيرا ملٽري فورس وچ ۾ 15 اپريل کان جاري ويڙهه ۾ هنيئر تائين پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ۽ چار هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن