ويلنگٽن ( م ڊ ) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرس هپڪنز برطانيا کان آزادي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ۽ حڪمران پارٽي ليبر جي سربراهه ڪرس هپڪنز لنڊن ۾ بادشاهه چارلس ٽئين جي تاجپوشي واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ آڪلينڊ کان روانو ٿي ويو آهي.روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو ٻنهي مُلڪن ( نيوزيلينڊ ۽ برطانيا) جي فيبروري 2022ع جي آزاد واپاري معاهدي کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ لاءِ برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ سان ملاقات ڪندو.  هن وڌيڪ چيو ته وقت سان گڏوگڏ نيوزيلينڊ هڪ مڪمل طور آزاد مُلڪ جي حيثيت سان اُڀرندو ۽ دنيا جي ٻين اُسريل مُلڪن وانگر پنهنجن پيرن تي بيهي ڏيکاريندو. ان سان گڏوگڏ هن چيو ته اِها خواهش ڪا ترجيح يا اهڙي شيءَ نه هئي جنهن تي هو پنهنجي منشور طور زور ڏئي ها ڇاڪاڻ جو شايد اڃا ان لاءِ صحيح وقت ناهي آيو. سندس چوڻ هوته هن کي لڳي ته نيوزيلينڊ جي گورنر جنرل واري نظام کي متبادل جهموري نظام ۾ تبديل ڪرڻ هڪ فوري ترجيحي پاليسي آهي پر جهموريت طرف وک وڌائڻ واري معاملي تي عوامي حلقن ۾ بحث ٿيڻ گهرجي.