ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي صنعتڪارن  صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائڻ واري عمل کي رد ڪري ڇڏيو، صنعتڪارن حڪومتي فيصلي سان ملڪ جون  30 سيڪڙو صنعتون بند ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان صنعتڪار ۽ واپاري اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي چيو ته حڪومت پاران صنعتن تي  10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائي صنعتون بند ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت هوش کان ڪم وٺي، صنعتن تي واڌو ٽيڪس لڳائڻ وارو اعلان فوري طور تي واپس ورتو وڃي، هن چيو ته صنعتن تي ٽيڪس لڳائڻ کان صنعتڪارن کي جيڪو نقصان ٿيندو، ان جو نقصان ٻين ڪاروباري سرگرمين تي به پوندو. واپاري اڳواڻ محمود حامد ڳالهائيندي چيو ته صنعتن تي ٽيڪس لڳائڻ جو ملبو  عوام تي ئي پوندو حڪومت جون معاشي پاليسيون آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ٺاهيون پيون وڃن، هن چيو ته حڪومت جي اهڙي اعلان سان ئي اسٽاڪ ايڪسچينچ ڪريش ٿي وئي، سرڪار کي گھرجي ته صنعتڪارن جو اعتماد بحال ڪيو وڃي