اسلام آباد :  ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث کي سهيڙيندي  13 شعبن جي وڏو منافعو ڪمائيندڙ ڪمپنين ۽ صنعتن مٿان  رڳو هڪ ڀيرو 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو، انهن شعبن ۾شگر انڊسٽري، سيمنٽ، اسٽيل، ٽيڪسٽائل، سگريٽ، ڀاڻ جي صنعت، بينڪاري ، تيل ۽ گيس جو شعبو، بيوريجز (مشروبات)، گاڏيون اسمبل ڪندڙ،  مختلف ايئر لائينز، ڪيميڪلز ۽ ايل اين جي ٽرمينل شامل آهن، پهريان انهن ڪمپنين جي آمدني تي 29 سيڪڙو ٽيڪس لڳل هو، هن بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت انهن تي وڌيڪ 10 سيڪڙو اضافي سپر ٽيڪس لڳايو آهي،  هاڻي ڄاڻايل 13 شعبا / صنعتون 29 بجاءِ 39 سيڪڙو سپر ٽيڪس ادا ڪنديون، اڳ ۾30 ڪروڙ رپيا آمدني رکندڙن تي 2 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو هو، ، ناڻي وزير جي ڪالهوڪي اعلان  بعد 30 ڪروڙ سالياني آمدني رکندڙ امير ماڻهن کي هاڻي 2 بجاءِ 4 سيڪڙو سپر ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، پيش ڪيل بجيٽ کان اڳ 15 ڪروڙ آمدني رکندڙ امير ماڻهن تي سپر ٽيڪس لاڳو ٿيل نه هو پر  هاڻي انهن کي به هڪ سيڪڙو ٽيڪس ڀرڻو پوندو جڏهن ته 20 ڪروڙ آمدني وارن کي 2 سيڪڙو ۽ 25 ڪروڙ آمدني رکندڙن کي 3 سيڪڙو سپر ٽيڪس جي مد ۾ ادائگيون ڪرڻيون پونديون، واضح رهي ته 15 کان 25 ڪروڙ آمدني رکندڙ پهريان سپر ٽيڪس جي دائري کان ٻاهر هئا، ٽيڪسن ۾ ردوبدل بعد  سرڪار ٽيڪس وصولين جو حدف 7 هزار 4 ارب کان وڌائي 7 هزار 470 ارب ڪري ڇڏيو آهي،انگ اکر ٻڌائين ٿا ته آءِ ايم ايف جي فرمائش تي پيش ڪيل بجيٽ جي مقابلي ۾ 466 ارب رپين جو اضافو ڪيو آهي،  موجوده بجيٽ جي منظوري کانپوءِ سرڪار مني بجيٽ  واري مامري کان بچندي نظر اچي رهي آهي.