اسلام آباد ( بيورو رپورٽ )  نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي جي اگهن  ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 5 رُپيا 31 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي جنهن تي اٿارٽي 14 جون 2022ع تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي. نوٽيفڪيشن موجب نيپرا ڪراچي واسين لاءِ بجلي 5 رُپيا 27 پئسا مهانگي ڪري ڇڏي آھي. اگهن ۾ واڌ اپريل مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. وڌايل اگهه جولاءِ مهيني جي بلز ۾ اوڳاڙيا ويندا.