ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ  متحده، پي ٽي آءِ ۽ ٻين سياسي پارٽين پاران داخل ڪيل درخواستون رد ڪري چيو آهي ته مڪاني چونڊون شيڊيول موجب ( آچر ) تي ٿينديون. عدالت هڪ صفحي  تي ٻڌل مختصر فيصلو جاري ڪندي چيو ته سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن کي ٻڌو ويو آهي، سموريون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون، تفصيلي فيصلو ۽ درخواستون رد ڪرڻ جا سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا. ٻئي طرف تحريڪ انصاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم، تحريڪ انصاف، اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن ۽ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل دليل ڏنا، ٻڌڻي دوران متحده جي وڪيل فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته هن وقت تائين ووٽر  لسٽون مڪمل ناهن ٿيون، هن وقت اڍائي ڪروڙ انٽريون ٿيڻيون آهن ،اهو وڏو ڪم آهي اهي 12 آگسٽ تي مڪمل ٿينديون، ووٽر لسٽن جي درستگي کانسواءِ منصفاڻي اليڪشن جو سوچي به نه ٿو سگهجي، انهي هوندي اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، پي ٽي آءِ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 140 اي تحت مڪاني قانون بابت قانونسازي بعد چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي جسٽس جنيد غفار چيو ته سپريم ڪورٽ اهو حڪم ڏنو هو ته مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ  قانونسازي  ڪرڻ بعد ۾ مڪاني چونڊن جو حڪم ڏنو هو، هن وقت مڪاني چونڊون ڪرايون ويون ته مڪاني ادارا ڪمزور سمجهيا ويندا، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مڪاني ادارن جو مدو ختم ٿيڻ جي 120 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻيون  هيون، جنهن تي عدالت پڇيو ته 120 ڏينهن ۾ مڪاني چونڊون ڇو نه ڪرايون ويون؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته تڪبندين سبب مڪاني چونڊن ۾ دير ٿي آهي، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون ٿي چڪيون آهن، پنجاب ۾ آرڊيننس ۽ عدالتن جي فيصلن سبب چونڊون دير جو شڪار آهن، سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ مڪاني چونڊون آچر تي رٿيل آهن، جنهن ۾ 27 هزار اميدوار حصو وٺي رهيا آهن،  هن چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن تي 50 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري چڪا آهيو جڏهن  ته ٻئي مرحلي جي مڪاني چونڊن جون تياريون به مڪمل آهن، اليڪشن ڪميشن 2023ع ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ به تياري ڪري رهي آهي، تڪبندين تي واريل اعتراضن تي ڳالهائيندي هن چيو ته  سنڌ ۾ تڪبندين تي رڳو 2 سيڪڙو اعتراض سامهون آيا آهن، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت بعد مڪاني چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، سنڌ حڪومت جا ڪجهه اعتراض هئا، جيڪي اسان مڃي ورتا هئا، سنڌ حڪومت چاهيو پي ته مڪاني چونڊون مئي جي آخري هفتي ۾ ٿين پر اسان هڪ مهينو اڳتي کڻي وياسين ۽ جون جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائڻ جو شيڊيول جاري ڪيوسين،  سنڌ حڪومت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني قانون تي قانونسازي لاءِ سمورين پارٽين تي ٻڌل سليڪٽ ڪاميٽي جوڙي آهي، ايم ڪيو ايم تڪبندين تي سليڪٽ ڪاميٽي سامهون  اعتراض واريا، جنهن تي  سليڪٽ ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته مڪاني چونڊون ملتوي ڪرايون وڃن، عدالت کي استدعا آهي ته قانون سازي مڪمل ٿيڻ تائين چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، عدالت سمورن ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌائيندي سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي  مڪاني ادارن کي مالي ۽ انتظامي اختيار نھ ڏيڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾  توھين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.  عدالتي فيصلي بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو تھ سپريم ڪورٽ مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ جو حڪم ڏنو ھو، جنھن تي عمل نھ ڪيو ويو آھي، جنھنڪري سپريم ڪورٽ ۾ توھين عدالت جي درخواست داخل ڪئي ويندي.