سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي نسله ٽاور کي جلد ڪيرايو ويندو: ڪمشنر ڪراچي

0
218
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي

ڪراچي(م ڊ) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم تيز ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران نسلا ٽاور کي ڊاهڻ بابت ڪمشنر ڪراچي جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس حڪم ڏنو ته هاڻي وڃو ۽ نسلا ٽاور کي سموري مشينري ۽ عملي سميت ڊاهي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي ڪمشنر ڪراچي فوري طور تي شارع فيصل تي نسله ٽاور تي پهتو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو پر حفاظتي اپاءَ نه هجڻ سبب ڪم روڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ جو به اهوئي حڪم هو ته جاني ۽ مالي نقصان نه ٿئي

هن چيو ته نسلا ٽاور جي ڏهين منزل ڊهي وئي آهي جڏهن ته يارهين فلور تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته نسله ٽاور ڪيرائڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي، هاڻي هن کي ڪيرائڻ لاءِ ڪم تيز ڪيو ويو آهي ته جيئن جلد کان جلد ڪيرائجي

محمد اقبال ميمڻ چيو ته اڳ ۾ پريشاني هئي ته ڪنٽرول ڊيٽونيشن سان ڪيرايو ويندو، پر هاڻي پريشاني ختم ٿي وئي، هاڻي هن کي روايتي طريقي سان مزدور ۽ مشينون لڳائي جلد کان جلد نسله ٽاور کي ڪيرايو ويندو

ھي به پڙھندا

سڄي شهر جي مشينري وٺي وڃو ۽ نسلا ٽاور کي ڪيرايو: چيف جسٽس جو ڪمشنر ڪراچي کي حڪم