لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ هجي يا فل ڪورٽ اسان کي ڪو فرق نه ٿو پوي. عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته بينچ ڪهڙي به هجي اسان کي رڳو اهو ڄاڻڻو آهي ته چونڊون آئين جي فراهم ڪيل مدي 90 ڏينهن دوران ٿي رهيون آهن يا نه. هن چيو ته مون پنهنجون ٻه اسيمبليون ٽوڙڻ کان اڳ پنهنجي چوٽي جي آئيني ماهرن سان مشاورت ڪئي سڀني جي گڏيل راءِ هئي ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائڻ بابت آئين جي شق کي اورانگهڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته ڏوهارين جي امپورٽڊ سرڪار ۽ ان جا سرپرست ۽ هڪ انتهائي تڪراري اليڪشن ڪميشن هاڻ آئين جو کليل مذاق اڏائڻ تي لهي آيا آهن، آئين جي مختلف شقن کي پنهنجي لاءِ قابل عمل ۽ بين کي ناقابل عمل قرار ڏئي هي گروهه اصل ۾ پاڪسان جي اساس تي حملو ڪري رهيو آهي جيڪو آئين ۽ قانون جي حڪمراني جو ؛آهي. هن چيو ته اهي چونڊن کان ايتري حد تائين خوفزده ۽ پنهنجي سزا يافته ڏوهي اڳواڻن کي بچائڻ لاءِ ايتري قدر بيچين آهن جو دستور ۽ قانون جي حڪمراني جي آخري علامت کي به مِٽائڻ لاءِ تيار آهن. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي سينئر وائس چيئرمين فواد چوڌري نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن 30 اپريل تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونـڊون نه ٿيون ته پهرين مئي کان احتجاج شروع ڪيو ويندو.