اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جو وڏو فيصلو، وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽيو رويو ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته ڪمزور بي بنياد ۽ سياسي سببن تي ڪيوريٽو رويو ريفرنس داخل ٿيو هو، حڪومت ان جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا پهريان ئي ان فيصلي جي منظوري ڏئي چڪي آهي، وزيراعظم شهباز شريف قانون جي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف رويو ريفرنس واپس وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ريفرنس جي نالي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهرڀاتين کي حراسان ۽ بدنام ڪيو ويو، هي ريفرنس نه هو، آئين ۽ قانون جي راهه تي هلندڙ هڪ منصف جج جي خلاف عمران نيازي جي انتقامي ڪارروائي هئي، هي عدليه جي آزادي تي راتاهو هڻڻ ۽ ان کي تقسيم ڪرڻ جي ڪڌي سازش هئي، هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي جماعتن اپوزيشن جي جماعتن دور ۾ به ان ڪوڙي ريفرنس جي مذمت ڪئي هئي، عمران نيازي صدر جي آئيني منصبن جو ان مجرماڻي فعل لاءِ ناجائز استعمال ڪيو، صدر عارف علوي عدليه تي حملي جي ڏوهه ۾ سهولتڪار  ۽ هڪ ڪوڙ جو حصيدار بڻيو، پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪيلن جي تنظيمن به ان جي مخالفت ڪئي هئي، انهن جي راءِ جو قدر ڪيون ٿا. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس جو معاملو مئي 2019ع ۾ سامهون آيو هو، جون 2020ع تائين تقريبن 13 مهينا معاملو هليو، سپريم ڪورٽ ۾ 40 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون، سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ صدر عارف علوي پاران اماڻيل ريفرنس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي اهو الزام لڳايو ويو هو ته هن برطانيا ۾ پنهنجي ملڪيت لڪائي جيڪا سندس گهرواري ۽ ٻارن جي نالي تي آهي، ريفرنس ۾ سندس خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي، 7 آگسٽ 2019ع تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خلاف صدارتي ريفرنس کي ذاتي طور تي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو، 19 جون 2020ع تي سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، عدالت جسٽس فائز جي آف شور اثاثن جو معاملو ايف بي آر کي اماڻيو هو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي 19 جون 2020ع واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي هئي جنهن بع 29 اپريل تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس فائز عيسيٰ خلاف وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت جسٽس قاضي فائز خلاف هڪ ڪيوريٽو ريويو ريفرنس داخل ڪيو هو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. هوڏانهن وزيراعظم پاران ريفرنس واپس وٺڻ واري پنهنجي ايڊوائس صدر کي اماڻي ڇڏي آهي.