سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بينظير ڀٽو پروگرام سينٽرن ٻاهران عورتن جي پيهه، تذليل، دانهون

0
228
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بينظير ڀٽو پروگرام سينٽرن ٻاهران عورتن جي پيهه، تذليل، دانهون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بينظير ڀٽو پروگرام سينٽرن ٻاهران عورتن جي پيهه، تذليل، دانهون

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽرن ٻاهران رجسٽريشن ۽ پئسن لاءِ آيل عورتن جي وڏي پيهه نظر اچي رهي آهي

ميھڙ ۾ احساس سينٽر ۾ رجسٽريشن لاءِ آيل عورتن جي پيهه رهي، عملي ۽ پوليس اهلڪار تي تذليل جو الزام هنيو ويو، عورتن جو چوڻ هو ته سينٽر عملو ۽ پوليس اهلڪار ڌڪا ڏئي  تذليل جو نشانو بڻائي رهيا آهن، نوٽيس  ورتو وڃي:

مستحق عورتن جو چوڻ هو ته رجسٽريشن جي لاءِ رشوت گهري پئي  وڃي، پئسا نه ڏيندڙن کي انتظار ڪرائڻ  بعد واپس موٽايو وڃي ٿو، پوليس اھلڪار عورتن ۽ پيرسن کي  تشدد جو نشانو بڻايو آھي، سندس  خلاف ڪارروائي وڃي

دوڙ ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر ٻاهران عورتن جي پيهه، ٽوڪن نه ملڻ ۽ سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون، عورتن جو چوڻ هو ته روزو هجڻ باوجود انتظار ڪرايو  پيو وڃي، رشوت عيوض ٽوڪن  ڏنا پيا وڃن

هنن جو چوڻ هو ته سڄو سڄو ڏينهن سينٽر باهران بيهاري بنا وظيفي جي واپس موڪليو وڃي  ٿو، نوٽيس ورتو وڃي

لاڙڪاڻي ۾ به بي آءِ ايس پي سينٽرن تي عورتن جي رش نظر اچي رهي آهي، پئسن مان ڪٽوتي جا الزام هنيا ويا آهن، عورتن جو چوڻ آهي ته ڊوائيس هولڊر 8500 واري قسط  مان 500 کان هڪ هزار روپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن

ٻئي پاسي فيض گنج جي نادرا آفيس جي عملي ۽ عورتن ۾ مبينا جهيڙو ٿي پيو، فيض گنج جي نادرا آفيس ۾ من  پسندن کي ٽوڪن ڏيڻ تان عملي  ۽ عورتن ۾ مبينا جهيڙو ٿي پيو

عورتن جو چوڻ هو تهج من پسندن کي ٽوڪن ڏيڻ تان جهيڙو  ٿي پيو، نادرا عملي پاران به تشدد  جو نشانو بڻايو ويو، رات کان ٽوڪن جي انتظار ۾ ويٺل  آهيون، نادرا انچارج گارگند ڪري تذليل ڪري رهيو آهي

هي به پڙهندا

سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري، ايڊوانس پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جو اعلان