اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم چيو آهي ته سُپريم ڪورٽ جو پرنسپل اڪائونٽ آفيسر پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو، سُپريم ڪورٽ جي پرنسپل اڪائونٽ آفيسر کي طلب ڪيو اٿئون، هو پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪري پي اي سي آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان حساب ڏيون ٿا ته اهي حساب ڇو نٿا ڏئي سگهن، سُپريم ڪورٽ کي اسيمبلي جي ڪارروائي جا تفصيل نه ڏيڻ گهرجن، اسان رڪارڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پر پهرين سُپريم ڪورٽ رڪارڊ مهيا ڪري، تفصيل گهريا ته ڪنهن ڪنهن ڪيترا پلاٽس ورتا آهن، سُپريم ڪورٽ اهو به رڪارڊ نه ڏئي رهي آهي.