گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪيءَ ضلعي جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن باوجود بدامنيءَ تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڌاڙيل وڌيڪ ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا. خبر موجب گهوٽڪيءَ ڀرسان ڳوٺ اميد علي عارباڻيءَ جا رهواسي پورهيت ڀائر ڪامران علي ۽ عامر علي عارباڻي علائقي ۾ ٿانوَ وڪرو ڪرڻ بعد واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته ڌاڙيلن رستي مان اغوا ڪري ورتو. مغوي ڀائرن ڪامران ۽ عامر عارباڻيءَ جي وارثن اغوا جي تصديق ڪندي حد جي پوليس کي اطلاع ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته گهوٽڪيءَ مان ٻن هفتن دوران اغوا ٿيل ڳوٺاڻن جو انگ 4 ٿي ويو آهي. ڏيڍ هفتو اڳ نامعلوم هٿياربند پيءُ پٽ اقبال احمد ۽ عبدالباسط مگسي کي پڻ اغوا ڪري ويا هئا، جنهن بعد گهوٽڪي شهر مان اغوا ٿيل مغوين جو تعداد 4 ٿي ويو آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته اسان وٽ ٻن ڄڻن جي اغوا جو ڪنهن به اطلاع ناهي ڪيو. اسان جي حد مان ڪير به اغوا ناهي ٿيو. جڏهن ته بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته 2 نوجوان رات کان گم آهن پر اهي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان گم ٿيا آهن.