اسلام آباد (م ڊ) ملڪ اندر هر سال 4 ارب ڊالرن جي خوراڪ ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت قومي وزارت جي دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان سخت غذائي کوٽ جو شڪار آهي پر ان باوجود هر سال 4 ارب ڊالرن جي خوراڪ ضايع ٿي ويندي آهي. دستاويز ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سالياني ملڪي پيداوار جي تقريبن 26 سيڪڙو خوراڪ ضايع ٿيندي آهي، ملڪ ۾ سالياني بنياد تي 19.6 ملين ٽن خوراڪ ضايع ٿئي ٿي. وزارت موجب هر سال ڪيترن ئي قدمن سبب ڪروڙين ٽن غذا ضايع ٿيندي آهي، شڪل، ماپ ۽ رنگ جي معيار تي پورو نه لهندڙ تازي خوراڪ به ضايع ڪئي ويندي آهي،غذائي شيون مدو پورو ٿيڻ جي ويجهو هجڻ سبب يا ايڪسپائز ٿيڻ تي دڪاندار يا واهپيدار به ضايع ڪري ڇڏيندا آهن. دستاويز ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ غذائي شين جو وڏو مقدار بورچي خاني ۽ کاڌي پيتي جي مرڪزن تي ضايع ٿيندو آهي، باورچي خانن ۾ اڪثر غذائي شيون استعمال ناهن ٿينديون يا ڇڏيون وينديون آهن، گهرن ۽ کاڌي پيتي جي مرڪزن ۾ غذائي شيون ضرورت کان وڌيڪ پچايون وينديون آهن.