سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ڀرسان ڳوٺ سومر جمالي ۾ ڳوٺاڻن برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي خير محمد مري، پسند بروھي، عظيم جمالي، رحيم بخش بروھي ۽ ٻين چيو ته برساتي پاڻي سندن گھرن ۾ بيھجي ويو آھي، جنهن ڪري ڪيترائي گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن، هنن چيو ته دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، هنن برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،