ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ميرپور ساڪرو جي ايڊمنسٽريٽر پاران شھر مان برساتي نيڪال نه ڪرائڻ سبب شھرين جي احتجاج جو پ پ اميدوارن نوٽيس وٺندي ڊي سي آفيس ٺٽو ۾ ٽائون ڪاميٽي جي پ پ اميدوارن عامرحسين بلوچ غلام نبي ڪنڀار ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفرعلي قادري سان ملاقات ڪئي ء ھنن ڊي سي آڏو موقف رکيو ته مسلسل تيز برساتن سبب شھر مان پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي ھنن چيو ته ٻ وڏيون مشنيون مڇردانيون ۽ ٽينٽ ماڻهن کي فراھم ڪيا وڃن ڊي سي ٺٽو غضنفرعلي قادري پاران ھر ممڪن تعاون ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي وئي ڊي سي ٺٽو چيو ته برسات سبب سموري ضلعي ۾ نقصان ٿيو آهي ۽ تيز برسات سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مسئلا اچي رھيا آهن پر جلد نيڪال ڪرائي ماڻهن کي رليف پڻ ڏنو ويندو.