ٺارو شاهه (ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ خوشحال خطو ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر ان جي باوجود حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب رهواسي قدرتي آفت سبب بيحال بڻيل آهن، هتي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري روزانو ماڻهو حياتيون وڃائي رهيا آهن، هن چيو ته فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي پر ان جي باوجود پ پ حڪومت مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته پوري سنڌ کي آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو ته احتجاج ڪري رستا روڊ بند ڪيا ويندا، ان کان اڳ رياض چانڊيو پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز آفيس پهچي رپورٽر غلام شبير اڄڻ سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي،