لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ پاڪ- چين اڻٽٽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهن. هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو ته ٽن سالن تائين بند خنجراب پاس جو ٻيهر کلڻ خوشي جي خبر آهي، جنهن تي چين ۽ پاڪستان جي قيادت ۽ ٻنهي مُلڪن جي عوام کي مبارڪ هجي. هن چيو ته نومبر 2016ع ۾ سي پيڪ فريم ورڪ سان لاڳاپيل سمورا معاملا بهتري ڏانهن وڌي رهيا هئا جيڪي نومبر 2019ع ۾ بند ٿي ويا هئا، خنجراب پاس جي ٻيهر کولڻ سان ٻنهي پاسن جي عوام کي اهنج گهٽائڻ  ۾ مدد ملندي. مريم نواز چيو ته نواز شريف سي پيڪ جو معمار آهي، چين جي مدد سان سي پيڪ ذريعي پاڪستان جي ترقي جي عظيم رٿا شروع ڪئي هئي. هن پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار پاڪستان چين واپاري سرگرمين ۽ سي پيڪ جي رفتار کي متاثر ڪيو، فارين فنڊڊ ايجنٽ سي پيڪ ۽ چين جي سهڪار سان پاڪستان ۾ هلندڙ رٿائن ۾ ڪرپشن جا بي بنياد الزام مڙهيا هئا، سي پيڪ خلاف فارين فنڊڊ فتني جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي.