لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان منهنجو ڪو رابطو نه آهي پر جيڪڏهن چونڊن واري معاملي تي ڪنهن سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت سان ڳالهين ۾ آئون نه ويهندس، جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته اِهي رڳو چونڊن واري نقطي تي هونديون پر آئون پاڻ انهن ماڻهن سان ڳالهيون نه ڪندس جن کي چور ۽ ڪرپٽ چوندو رهيو آهيان، منهنجي پارٽي جا ٻيا ميمبر حڪومت سان ڳالهيون ڪندا، عمران خان چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته پوءِ جڏهن طاقتور فيصلو ڪندا تڏهن ئي چونڊون ٿينديون، اليڪشن ناهي ڪرائڻي ته پوءِ نيشنل ڊائيلاگ ڇا جو؟ اليڪشن نه ڪرائي آئين ۽ قانون جي توهين ڪئي پئي وڃي. هن پي ڊي ايم طرفان سُپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ جو فيصلو نه مڃڻ واري اعلان تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هو ڪير ٿيندا آهن فيصلو نه مڃڻ وارا انهن جي حيثيت ڇا آهي؟، پي ٽي آءِ  اعليٰ عدالت جو ڀرپور ساٿ ڏيندي، سُپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃڻ جو مطلب پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون ختم ٿي ويو، ان جو مطلب مُلڪ ۾ جهنگ جو قانون اچي ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته منهنجو موجوده فوجي قيادت سان ڪو رابطو ناهي ٿيو جيڪڏهن چونڊن واري معاملي تي ڪير ڳالهائڻ چاهي ٿو ته آئون ڪنهن سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. عمران خان چيو ته سُپريم ڪورٽ ججن جي تازي ورهاست پٺيان نواز شريف جو هٿ آهي ۽ اِها سندس پراڻي روش آهي. هن پهريان به 1997ع ۾ سُپريم ڪورٽ کي ورهائي ڇڏيو هو. سُپريم ڪورٽ اسان جي خلاف فيصلو ڏنو ۽ اليڪشن رد ڪري شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائي ڇڏيو، اسان ته اِهو فيصلو قبول ڪيو، پر تڏهن سُپريم ڪورٽ صحيح هئي، اڄ هو سوموٽو وٺي رهيا آهن ۽ کين لڳي ته اِهو سندن خلاف ويندو انڪري هو هاڻي سُپريم ڪورٽ کي تڪراري بڻائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هاڻي به چونڊون نه ٿيون ته پوءِ آڪٽوبر ۾ به چونڊون ڪرائڻ جا امڪان گهٽ آهن، جيڪڏهن اڄ پئسا ناهن ته ٿي سگهي ٿو ته آڪٽوبر ۾ به نه هجن، جيڪڏهن اڄ سيڪيورٽي صورتحال خراب آهي ته آڪٽوبر ۾ 3، 4 ڌماڪا ڪرائي سيڪيورٽي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. عمران خان سيڪيورٽي ادارن تي الزام لڳايو ته اهي اسانجا ڪارڪن اغوا ڪري مٿن تشدد ڪري رهيا آهن، اظهر مشواڻي کي 7 ڏينهن لاءِ اغوا ڪيو ويو، اسان کي خبر آهي ته ڪهڙي اينجسي کيس کنڀي وئي هئي ۽ اسان جي هڪڙي ڪارڪن کي ڪراچي مان کنڀيو ويو آهي. هن چيو ته حقيقت ۾ هو ڊڄي ويا آهن ته هنن مون مٿان  ميڊيا ۾ ته پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن اسان سوشل ميڊيا تي اچي ويا آهيون ته هو به سوشل ميڊيا تي اچي ويا آهن ته ڪيئن به ڪري مون کي بليڪ آئوٽ ڪيو وڃي. عمران خان چيو ته منهنجي پارٽي تي جنرل باجوه جي دور کان وڌيڪ سختيون ڪيون پيون وڃن، جنرل باجوه اسان تي وڏا ظلم ڪيا، ڇاڪاڻ جو سندس ايجنسيون اسان جي پٺيان هيون، اميد هئي ته جنرل باجوا ويندو ته تبديلي ايندي پر ڪا به تبديلي ناهي آئي، ساڳيون پاليسيون آهن، ويتر انهن ۾ وڌيڪ  شدت اچي رهي آهي. هن چيو ته مونکي ڪا به خبر يا اندازو ناهي ته ان پٺيان ڪير آهي، پر مون کي ايتري ڄاڻ ضرور آهي ته اسان جي مٿان باجوه کان وڌيڪ تشدد شروع ڪيو ويو آهي. عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ 2018 وارين چونڊن ۾ اسان جي پارٽي جون سيٽون ڄاڻي واڻي گهٽايون هيون ته جيئن اسان تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. تحريڪ انصاف جي سربراهه هڪ ڀيرو وري اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ الزام مڙهيو ته هن منهنجي خلاف آمريڪا ۾ مهم هلائي. عمران خان چيو ته جنرل باجوه ڏاڍو خراب ڪردار ادا ڪيو آهي، هن حسين حقاني کي هائير ڪيو هو، اسان جي حڪومت جي پئسن سان، هن منهنجي خلاف آمريڪا ۾ مهم هلائي. هن چيو ته منهنجي حڪومت آرمي چيف جنرل رٽائرڊ باجوه ڪيرائي، اڳوڻو آرمي چيف قانون تي قابض هيو، کائنس ڪير پڇڻ وارو نه هو، هو سازش ڪندو رهيو، نيٺ ڪرپٽ ٽولي کي ساڻ ڪري، آمريڪا کي منهنجي خلاف ڀڙڪائي منهنجي حڪومت ڪيرائي ڇڏي.