رياض (م ڊ) سعودي شاهي خاندان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي شاهي مهمان طور عمرو ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي وزيراعظم شهباز شريف کي به عمري جي دعوت ڏني  وئي. نواز شريف رمضان جا آخري ڏهه ڏينهن سعودي عرب ۾ گذاريندو، نواز شريف سعودي بادشاهه شاهه سلمان جي دعوت تي عمري لاءِ ويندو. پارٽي ذريعن موجب اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب ۾ شاهي مهمان هوندو، شاهه سلمان جي دعوت تي نواز شريف ايندڙ هفتي سعودي عرب ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ سندس گهرڀاتي 11 اپريل تي سعودي شاهي خاندان جي خاص جهاز ۾ سعودي عرب ويندا. مريم نواز به عمري لاءِ سعودي عرب ويندي.  جڏهن ته وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيترائي وزير به رمضان شريف جا آخري ڏينهن سعودي عرب ۾ گذاريندا.  ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جو دورو پاڪستان جي معاشي مدد لاءِ به اهم آهي جنهن تحت سعودي عرب پاران روڪيل امداد ۽ آءِ ايم ايف کي خاطري به بحال ٿي سگهي ٿي. ذريعن موجب نواز شريف سعودي عرب بعد قطر جو به دورو ڪندو اتان به پاڪستان جي مالي مدد ٿيڻ جا امڪان آهن.