اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آدمشماري جي مامري تي اتحادين ۾ اختلافن بعد وزيراعظم شهباز شريف آدمشماري جي مامري تي اتحادي سياسي پارٽين ۾ مسئلن جي حل لاءِ اجلاس گهرائي ورتو، اجلاس ۾ سياسي جماعتن جي آدمشماري جي حوالي سان اعتراضن جو جائزو ورتو ويندو، پارٽين جي اختلافن جي حل لاءِ به  اڳڀرائي جو امڪان آهي، ذريعن مطابق اجلاس 5 اپريل تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ آدمشماري جي حوالي سان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي شڪايتن کان وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري چڪيون آهن، وزيراعظم پاران گهريل اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم به شريڪ ٿيندي، ياد رهي ته پيپلز پارٽي سان سخت اختلافن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪجهه ڏينهن اڳ آدمشماري رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.