سکر(بيورو رپورٽ)سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ سکر واسي شھري رٽائرڊ اسسٽنٽ ايگزيڪيٽوَ انجنيئر ايريگيشن ڊپارٽمينٽ منير احمد سومرو سيپڪو جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري خلاف پنھنجي وڪيل نثار احمد ڀنڀرو معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز چيئرمين سميت 9 ميمبرن جي مقرري قانون جي ابتڙ آھي، انھن مقررين ۾ ميرٽ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آھي، بورڊ جو چيئرمين ۽ ميمبرن جو تعلق سنڌ صوبي بجاءِ ٻين صوبن سان آھي، بورڊ ميمبرن جي مقرريءَ جو ڪنھن به اخبار ۾ اشتھار ناھي ڏنو ويو. درخواست گذار پنھنجي پٽيشن ۾ وفاقي حڪومت، سيڪريٽري ڪيبينٽ ڊويزن، سيڪريٽري پاور ڊويزن، وفاقي سيڪريٽري انرجي، سيڪريٽري فنانس، سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچيئنج ڪميشن آف پاڪستان، مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (پيپڪو) واپڊا ھائوس لاھور، چيف ايگزيڪيٽوَ آفيسر سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو)، سيد ابرابر علي، زاھد حنيف چوڌري، مھرين خان، اسلم خان، محمد قمر، جليل ترين، مليحا ملڪ، سيد نادر شاھ، غلام شبير جتوئي کي ڌر ڄاڻايو ويو آھي. عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ڌرين ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي پھرين سيپٽمبر تي مقرر ڪئي وئي آھي.