نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي، آبپاشي عملدارن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل. خبر موجب قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عنايت الله تونيو ۽ پ پ شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو پاڻي کوٽ بابت چيف انجنيئر، انجنيئر، ايس ڊي او، ڊي سي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر نصيرآباد کي ڌر بڻائي سول ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته نصيرآباد تعلقي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارن جو ٻيجارو سڙي رھيو آھي، پاڻي کوٽ ختم ڪرائي آبادگارن کي معاشي ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي. هوڏانهن عدالت 6 آگسٽ تي ڌرين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.