خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاريءَ جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي سب انسپيڪٽر احمد بخش ميتلو، اي ايس آءِ لياقت علي بوزدار ۽ سپاهي ذوالفقار علي جوڻيجو خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت پڻ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ مختيارڪار خيرپور خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.