خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج محمد اسلام الحق آرائين جي عدالت ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ رفيع الله ولد غلام الله مهيسر کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ظهير حسين ولد محمد عارف مهيسر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪيو ويو.جوابدار ظهير حسين مهيسر رفيع الله مهيسر کي 9 جولاءِ 2012 تي اوطاق ۾ گهڙي ڊبل بيرل بندوق سان فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.