سکر(بيورو رپورٽ) سيٺارجا جي رھواسڻ شريفان راڄپر سکر ۾احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته سکر جيل انتظاميا پئسا نه ڏيڻ تي منهنجي پٽ پرويز راڄپر مٿان تشدد ڪري رهي آهي، پرويز راڄپر فوج ۾ ڀرتي ٿيل هو، روپوش ڏوهاري الهوڌائي کيس دوکي سان گهرائي ڪوڙو قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، پٽ بيگناھ 8 سال کان قيد آهي، جيل پوليس پئسا نه ڏيڻ تي مٿس تشدد ڪري رهي آهي. غريب آهيون رشوت جا پئسا ناهن جيل پوليس منهنجي پٽ کي بند ڪري ڇڏيو آهي.