ڪرونڊي (ن پ ا) ڳوٺ ريحان خان بالادي جو پيرسن جوڙو 5 سال کان در بدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. مڱيلڌو بالادي ذواليخان بالادي سان 5سال اڳ نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو هو، جوڙي صحافين کي ٻڌايو ته 5سال اڳ عدالت ۾ پيار  پرڻو ڪيو، مائٽ اسان جا ويري بڻجي ويا آهن، هوڏانهن ذواليخان بالادي دانهيو ته رضا خوشي سان مڱيلڌو بالادي سان پيار پرڻو ڪيو، ڀاءُ آچر بالادي ۽ ڳوٺ جا بااثر سيفل بالادي، دوست بالادي، مقيم بالادي، اطهر بالادي، اڪرم بالادي، انصاف بالادي، وحيد بالادي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن تحفظ ڏنو وڃي.