جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ اي ڊي سي ڪالوني جي رھواسي شوڪت علي منگي پنھنجي گھر واري شمشاد ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي دانهيو ته چار مھينا اڳ سندس ڀاءُ اسرار منگي ڪراچي جي ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي، جنهن بابت اسان کي ڪا به خبر ناهي، هن چيو ته ديدار منگي، اختيار منگي، معشوق منگي، ضمير ڀٽي اسان جي گھر تي چڙھائي ڪري ڌيئرن کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن تدارڪ جي گهر ڪئي.