ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ بڊو ٿاڻي جي حد شڪارپور رتوديرو روڊ ٿرڙي بس اسٽاپ تي شهيد پوليس اهلڪار پرويز معرفاڻي جي نالي سان پوليس چوڪي قائم ڪئي وئي جنهن جو افتتاح ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ڪيو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي ڳالهائيندي چيو ته ويڙهه يا امن امان هٿيارن سان نه پر همت سان ٿيندو آهي، جڏهن اسان صحيح ڪم ڪنداسين ته عوام به اسان سان گڏ بيهندو.