فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجھو ڳوٺ مٿئين عاليوال ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب چانڊيا برادري جي غلام حيدر ۽ غلام مصطفيٰ چانڊيو جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثر پورهيتن موجب اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ گاڏي نه پهتي، جنهن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.