سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ دادو انڊس هاءِ وي روڊ جو 250 فٽ ڪٽ ڏيڍ مھيني بعد عارضي طور بند ڪيو ويو آهي ۽ ھڪ روڊ تي ننڍين گاڏين لاء ٽريفڪ بحال ٿي وئي آهي جڏهن ته اين ايڇ اي انتظاميا ھڪ ھفتي جي ڪوشش بعد ھيوي مشينري ذريعي ڪٽ جي پاسي ۾ پٿر ۽ گريوال وجھي روڊ جي ٻنهي پاسن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آھي. ان موقعي تي اين ايڇ اي عملدارن چوڻ ھو ته روڊ تي في الحال شروعاتي طور موٽر سائيڪل، ڪار، جيپ ۽ وین سمیت ننڊيون گاڏيون هلائڻ جي اجازت هوندي ۽ ٻن ڏينھن بعد باقي رھيل ڪم پورو ڪري عارضي ٺھيل ڊائيوريشن تي وڏي ٽريفڪ کي ڇڏيو ويندو. ھوڏانھن ٻوڏ جي تباه ڪارين سبب سيوھڻ دادو انڊس هاء وي ڏيڍ مهيني کان پوء بحال ٿيڻ تي علائقي واسين سميت سموري عوام ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آھي.