حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم سرڪل حيدرآباد نوابشاهه جي واپڊا ڪالوني ۾ ڇاپو هڻي معصوم ٻارن جون اعتراض جوڳيون وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ جوابدار عبدالعليم صديقي کي گرفتار ڪري حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته کين 2 هفتا اڳ اين سي ايم اي سي پاران ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم سنڌ کي خط لکي جوابدار خلاف جاچ جو چيو ويو هو ۽ ايف آءِ اي سنڌ پاران ڄاڻايل معاملي جي جاچ حيدرآباد منتقل ٿي جنهن بعد انهن جاچ شروع ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ۽ گذريل ڏينهن کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ وٺي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان کين موبائيل فون مليو آهي جنهن ۾ ننڍي عمر جي ٻارن جون نازيبا وڊيوز ۽ فوٽو به موجود هئا جيڪي انهن تحويل ۾ وٺي محفوظ ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته جوابدار کان سندس ساٿين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.