سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ويجهو پرڻيل ناري آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب 3 چڪ ويجھو 20 سالا اندرا زال ڀاگو ڀيل گهرو اڻبڻت تان گهر ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي سٺ ميل پوليس پهچي ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته ناري گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪيو.