سيوهڻ(ن پ ا) سيوھڻ لڳ باغ يوسف روڊ تي تيز رفتار ڊمپر ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر ٿي پيو حادثي جي نتيجي ۾ سيوھڻ جي ميمڻ برادري سان تعلق رکندڙ هڪ عورت موقعي تي فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، فوتڻ ناري جو لاش ۽ زخمين کي مقامي ڳوٺاڻن پاران سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ سيوھڻ منتقل ڪيو ويو جتي فوتڻ عورت جي سڃاڻپ سيوھڻ واسڻ مسمات شاھده زال عبدالرشيد ميمڻ عمر 48 سال  طور ڪئي وئي جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ ارم ميمڻ عمر 20 سال ۽ علي ميمڻ عمر 22 سال طور ڪئي وئي. ٻئي طرف حادثي بعد ڊمپر ڊرائيور گاڏي ڇڏي موقعي تي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سيوھڻ پوليس ڊمپر ٽرالر پنهنجي تحويل وٺي وڌيڪ جاري ڪري رھي آهي.