اسلام ڪوٽ (ن پ ا)اسلام ڪوٽ_ مٺي روڊ تي ڳوٺ جوڳلار وٽ تيز رفتار ڊمپر اڳيان ويندڙ  مزدا کي ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ نئوڪوٽ واسي جمعون چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو رزاق ڍڪڻ  سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته  ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.