سيوھڻ (ن پ ا) سيوهڻ جي مڪراني محلي سيوھڻ جي 17 سالن جي نوجوان فتح علي ولد قربان چانڊيو نشي واروين گوريون کائي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، جنهن کي گهر ڀاتين سيوھڻ اسپتال پھچايو پر ڊاڪٽر نوجوان جو موت جي تصديق ڪئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان گھرو مسئلن کان پريشان ٿي خودڪشي ڪئي آهي. ھوڏانھن فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته فوتي نوجوان منجهند جي وقت گوريون کائي سمهي پيو هو جنهن بعد فوت ٿي ويو ۽ ڊاڪٽرن پڻ اسپتال اندر سندس موت جي تصديق ڪئي.