ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ _فريدآباد روڊ تي تيز رفتار چنگچي رڪشا جو موٽر سائيڪل کي آمهون سامهون  ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائڪل سوار ڳوٺ لونگ مهيسر جو رهواسي 20 ورھين جو نوجوان عاشق مهيسر سخت زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان کي تعلقه اسپتال ميهڙ آندو ويو جتي کيس طبي امداد بعد  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو نوجوان جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.